اوٽاوا (م ڊ) ڪئناڊا پاران ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ امداد جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڪئناڊا پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن لاءِ وڌيڪ 25 ملين ڊالر جي امداد جو اعلان ڪيو آهي جنهن کانپوءِ ڪيناڊا طرفان فراهم ڪيل گڏيل امداد 30 ملين ڊالر ٿي وئي. عالمي خابرو اداري موجب ڪيناڊا جي وزيراعظم جسٽن ٽروڊو پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽلين لاءِ خوراڪ، صاف پاڻي ۽ ٻين ضروري شين جي مد ۾ وڌيڪ 25 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو آهي. ان کان اڳ ڪيناڊا پاڪستان جي ٻوڏ سٽلين لاءِ پنج ملين ڊالر امداد جو اعلان ڪيو هو پر هاڻ ان ۾ 25 ملين ڊالر جي واڌ ڪري ڇڏي آهي جنهن کانپوءِ گڏيل 30 ملين ڊالر ٿي وئي.