ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا وڌيڪ 112 حياتيون کسي ورتيون، جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 16094 تي پهچي ويو، جڏهن ته ملڪ ۾ 4976 نوان ڪيس سامهون آيا، جنهن بعد ملڪ جي جملي ڪيسن جو انگ پڻ وڌي 750158 ٿي ويو، ٻئي طرف ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح گهٽجي 7.62 سيڪڙو تي پهتي، هوڏانهن سنڌ ۾ڪورونا وگهي 7 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 673 ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو ته هن وقت 7523 مريضن جو علاج هلي پيو، جن مان 7143 گھرن ، 10 آئسوليشن سينٽرن ۽ 370 اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن، وڏي وزير چيو ته 343 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 43 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾408، حيدرآباد ۾61، ڄامشوري ۾ 20، سکر ۾ 16، بدين ۽ لاڙڪاڻي ۾ 12_12، شهيد بينظير آباد ۾ 11، گھوٽڪي ۾ 10، دادو ۾ 9، ٺٽي ۾ 8، سانگھڙ ۾ 7، قمبر، مٽياري ۽ ٽنڊومحمد ۾ 6_6، ميرپورخاص ۾ 5، سجاول ۽ عمرڪوٽ ۾ 4_4، ڪشمور، خيرپور، نوشهري فيروز ۽ ٽنڊي الهيار ۾ 3_3، جيڪب آباد ۾ 2 ۽ شڪارپور ۾ هڪ ڪيس ظاهر ٿيو آهي. هوڏانهن لمس حيدرآباد ۾ داخل 65 سالن جو امداد علي، 75 سالن جي عزيز بانو ۽ 70 سالن جي مسز دودو ڪوروان وگهي فوت ٿي ويا. حيدرآباد ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 12 سيڪڙو رڪارڊ ٿي آهي.هوڏانهن اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته اربع 21 اپريل کان 50 کان 59 سالن جي عمر رکندڙ شهرين جي ڪورونا ويڪسين شروع ڪئي ويندي، ٻئي طرف ڪي پي ۾ ڪورونا شرح 25 سيڪڙو تي پهتي، جنهن بعد پرڳڻي ۾ ايس او پيز کي سخت ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بلوچستان ۾ پهرين مئي تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي