ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت پابندي مڙهيل تحريڪ لبيڪ جي 28 ڪارڪنن کي 5 مئي تائين عدالتي رمانڊ تي جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيندي جاچ آفيسر کي ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ بندش پيل مذهبي جماعت جي سربراهه جي گرفتاري خلاف سڄي ملڪ وانگر ڪراچي ۾ پڻ مختلف روڊ بند ڪري احتجاج ڪيو ويو هو،احتجاج دوران پوليس اهلڪارن توڙي عام شهرين تي حملا ڪري گاڏين ۽ ملڪيتن کي باهيون ڏنيون ويون، پوليس مختلف علائقن ۾ مظاهرين خلاف ڪارروايون ڪري گرفتاريون عمل ۾ آنديون هيون، گرفتار ڪارڪنن خلاف سرڪاري ڪم ۾ مداخلت، ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ ۽ دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيا ويا هئا.