ڪراچي (نمائندن وٽان) حيدرآباد ۾ هلڪي هلڪي برسات کانپوءِ موسم خوشگوار ٿي وئي. گرمي جو زور ٽٽي ويو. حيدرآباد کان جھمپير ويندڙ سوزوڪي پڪ اپ برسات جي وسڪاري سبب ڪلٽي ٿي پئي، پ پ اڳواڻ احمد خان پالاري ۽ سوزوڪي ڊرائيور صديق منڇري سخت زخمي ٿي پيا، ٻنهي کي حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. بدين ۾ مٽيءَ جي طوفان سان برسات سبب ڪکاون گهرن جون ڇتيون ۽ دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا.بجلي بند ٿي وئي. انبن جي باغن ۽ کرن ۾ پيل ڪڻڪ کي نقصان پهتو آهي. مانجهند، ڪڍڻ، ٽنڊوباگو، کوسڪي، پنگريو، تلهار، ٽنڊو غلام حيدر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز ھوا سان گڏ ڳڙي سان برسات پئي. پيرولاشاري ۾ مٽيءَ جي طوفان سان گڏ برسات سبب وڻ ڪري پيا. نندو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوا، گجگوڙ ۽ ڳڙن سان اڌ ڪلاڪ تائين برسات جاري رهي. بدين- نندو روڊ تي ڳوٺ يار محمد ڀرڳڙيءَ وٽ بجليءَ جا ٿنڀا ڪري پيا. مٽياري ۽ آسپاس جي علائقن ۾ مٽي جي طوفان لڳڻ کانپوءِ تيز هوائن سان گڏ برسات جو وسڪارو ٿيو. نوري آباد سميت ڪوھستاني مختلف علائقن گوگڙو پير، 35 ميل، 36 ميل، ، لوڻي ڪوٽ، جھرڪ، جھرڪ سائيڊ، ڪوھستاني ڳوٺ حاجي عثمان بروھي، ڳوٺ يعقوب بروھي، ڳوٺ وڪيو جاکرو، ڳوٺ عثمان بروھي، ڳوٺ سائينون جاکرو ۽ ٻين ڳوٺن سان گڏ ڪوھستاني پٽي ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو آھي، جنھن ڪري موسم خوشگوار ٿي ويئي آھي، جڏھن تہ مقامي ڳوٺاڻن موجب ڳوٺ سائينون جاکرو ۾ تيز ھوائن سميت برسات پوڻ جي نتيجي ۾ چئن پورھيتن پير بخش جاکرو، شھزاد، عمر ۽ انور جاکرو جي ڪچن گھرن جي ڊھي پوڻ جا اطلاع آھن، جڏھن تہ پيل برسات سبب مختلف علائقن ۾ پاڻي کيٽن ۾ جمع ٿيڻ سان گڏ ننڍن ڍورن جي وھڻ جا پڻ اطلاع آھن.