ڪورونا ويڪسين بابت غلط معلومات ماڻهن کي ماري رهي آهي: آمريڪي صدر

0
378

ڪراچي(م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي ڪورونا ويڪسين بابت غلط معلومات ماڻهن کي ماري رهي آهي، ڪورونا وبا جي پکيڙ صرف ويڪسين نه لڳائڻ وارن ماڻهن جي وچ ۾ ئي آهي، ٻئي پاسي وائٽ هائوس جي ترجمان جين ساڪي چيو آهي ته فيس بڪ پنهنجا مامرا صاف ڪرڻا پوندا، درست معلومات کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، جڏهن ته فيس بڪ صدر بائيڊن ۽ وائيٽ هائوس جي ترجمان جي بيان کي رد ڪري ڇڏيو ۽ چي ته اهڙن الزامن جو حقيقت سان ڪو به واسطو نه آهي، ٻه ارب کان وڌيڪ ماڻهن کي فيس بڪ سان ئي ڪورونا بابت ڄاڻ مليون آهن.