دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ گروپ جوڙي ڇڏيا آهن، جنهن موجب پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون هڪ ئي گروپ ۾ شامل آهن. آءِ سي سي طرفان جوڙيل گروپ موجب پاڪستان ۽ ڀارت جون ٽيمون گڏ سپر 12 جي گروپ ٽو ۾ شامل آهن، نيوزيلينڊ ۽ افغانستان جون ٽيمون بي گروپ ٽو ۾ شامل آهن، جڏهن ته گروپ ٽو ۾ وڌيڪ 2 ڪواليفائر ٽيمون به شامل ٿينديون. سپر 12 جي گروپ ون ۾ آسٽريليا، انگلينڊ، ڏکڻ آفريڪا ۽ ويسٽ انڊيز جون ٽيمون شامل آهن، گروپ ون ۾ به 2 ڪواليفائر ٽيمون شامل ٿينديون. رائونڊ ون جي گروپ اي ۾ سريلنڪا، آئرلينڊ، نيڌر لينڊز ۽ نمييا جون ٽيمون آهن، جڏهن ته رائونڊ ون جي گروپ بي ۾ بنگلاديش، اسڪاٽ لينڊ، پاپوا نيو گني ۽ عمان شامل آهن. آءِ سي سي موجب ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 17 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو، ميچز عمان ۽ گڏيل عرب امارات ۾ ڀارتي ڀورڊ جي ميزباني ۾ ٿينديون.