لاس اينجلس (دلچسپ نيوز) آمريڪي شهري هوٽل ۾ مفت ڪمرو وٺڻ جي لاءِ هڪ عجيب وغريب حرڪت ڪئي جنهن تي کيس پڪڙيو ويو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ اداري موجب رياست اوٽاهه سان تعلق رکندڙ 37 ساله ريان سينٽيل نالي شخص مختلف هوٽلن ۾ پاڻ سان گڏ ڪوئا کڻي ويندو هو. جيئن ئي هو هوٽل ۾ ڪمرو بڪ ڪرائنيدو هو ته ڪجهه وقت ان ڪمري ۾ گذارڻ کان پوءِ هو اتي ڪوئا ڇڏي ڏيندو هو.ڪمري ۾ ڪوئا ڇڏڻ کان پوءِ هو فورن هوٽل انتظاميه کي شڪايت ڪندو هو ته اوهان جي هوٽل ۾ صفائي جا انتظام صحيح ناهن ڪمري ۾ ڪوئا ڊوڙي رهيا آهن. جنهن کان پوءِ هو هوٽل انتظاميه کان مطالبو ڪندو هو ته مان هوٽل جي ڪمري جا پئسا نه ڏيندس.37 ساله ريان اهڙي طرح جي حرڪت مختلف هوٽلن ۾ ڪندو هو. جنهن کان پوءِ آخرڪار کيس پڪڙيو ويو ۽ سندس مٿان 3 هوٽلن ۾ اهڙي طرح جي حرڪت ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو آهي.في الحال اها ڳالهه سامهون ناهي آئي ته ان شخص کي ڪهڙي طرح پڪڙيو ويو پر ملندڙ رپورٽن موجب ان شخص اعتراف ڪيو آهي ته مان مختلف هوٽلن ۾ وڃي ڪوئا ڇڏيندو هئس ته جيئن مفت ۾ ڪمرو وٺي سگهان.