اسٽاڪ هوم (دلچسپ نيوز) فرض ڪريو جيڪڏهن توهان سخت اُس ۾ ويٺل آهيو ۽ هڪ تمام سنهي ڊسپلي تي وڊيو ڏسي رهيا آهيو، اها ڏسڻ ۾ بلڪل اهڙي آهي، جهڙي ريت اسان اسڪرين کي پاڇولي واري ڪمري ۾ ڏسي رهيا آهيون، بلڪل اهو ئي سوچي سائنسدانن هڪ برقي ڪاغذ ٺاهيو آهي، جيڪو ڪيترن ئي سهڻن ۽ چٽن رنگن کي ظاهر ڪري ٿو.سوئيڊن جي چامرز يونيورسٽي هڪ اهڙو سنهو برقي ڪاغذ ٺاهي ورتو آهي، جيڪو اسڪرين ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو، اها هڪڙي قسم جو عڪاسي نه ڪندڙ اسڪرين آهي، جيڪا سڀئي رنگ ڀرپور طريقي سان ڏيکاري سگهي ٿي پر تمام ٿوري بجلي استعمال ڪندڙ آهي.عام اسڪرين مان روشني نڪرندي آهي، جنهن جي ڪري اسان ڊسپلي تي تصويرون ۽ لفظ ڏسي سگهندا آهيون، اهي ڪمري ۾ اندر ته ڏسي سگهجن ٿا پر ڏينهن جي روشني ۾ ٻاهر انهن کي ڏسڻ ۾ ڏکيائي ٿيندي آهي، ان ڪري هاڻي هڪ اهڙو ڪاغذ ٺاهيو ويو آهي، جيڪو سخت اُس ۾ به توهان کي فوٽو ۽ لفظ چٽي ريت ڏيکاري سگهي ٿو.ان برقي ڪاغذ کي گهڻي بجلي جي گهرج ناهي پوندي، اها هڪ انقلابي ايجاد آهي، جيڪا ڊسپلي ۽ اسڪرين کي نوان رستا فراهم ڪندي، وڻندڙ ڳالهه اها به آهي ته وڌيڪ تحقيق ڪرڻ کانپوءِ ان ڪاغذ کي ڪمرشل استعمال جي قابل به بڻائي سگهجي ٿو.في الحال اهو عام فون جي ڏهين حصي جيتري توانائي کڻي ٿو پر ان جي معيار ۾ ڪو به فرق نٿو پوي، اهڙي ريت برقي ڪاغذ کي مستقبل ۾ فون اسڪرين جو بهترين متبادل قرار ڏئي سگهجي ٿو.