اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اقتصادي رابطا ڪاميٽي ڪورونا اقتصادي رليف پيڪيج لاءِ 352 ارب رپين کي استعمال ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو، ان فنڊ کي ويڪسين جي خريداري لاءِ استعمال ڪيو ويندو، ڪالهه اي سي سي جي اجلاس جي ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين وڊيو لنڪ ذريعي صدارت ڪئي، جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس ۾ 352 ارب رپيا ڪورنا اقتصادي رليف پيڪيج لاءِ استعمال ڪرڻ واري سمري تي غور ڪرڻ کان پوءِ سموري رقم استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، سموري رقم ويڪسين جي خريداري لاءِ استعمال ڪئي ويندي، جڏهن ته حڪومت ڊسمبر 2021 تائين ملڪ جي ساڍا 8 ڪروڙ آبادي کي ويڪسين لڳائڻ جو حدف مقرر ڪيو آهي، اجلاس ۾ اسٽريٽجڪ ٽريڊ پاليسي فريم ورڪ کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ لاءِ واپار واري وزارت کي هدايت ڪري ڇڏي.