لاهور (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان شهبازشريف جِي هتڪِ عزت وارِي دعويٰ تي جواب جمع ڪرائي ڇڏيو، لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ شهبازشريف جِي دعويٰ ڏنڊ لڳائڻ سان گڏ خارج ڪرڻ جِي استدعا ڪئي، وزيراعظم جواب ۾ چيو آهي ته، نوازشريف يا شهبازشريف پاران سڌي ريت نه، ڪنهن شخص ذريعي رقم جِي آڇ ٿي هئي، عمر فاروق نالي شخص آڇ جو ٻڌائيندي چيو ته، جيڪڏهن پاناما ليڪس جِي پيروي ڇڏيو ته شهبازشريف ڳري رقم ڏيڻ لاءِ تيار آهي، شهبازشريف قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ بنا رڳو ليگل نوٽيس موڪليو، سندس الزام هتڪِ عزت جِي دعويٰ ۾ نه ٿا اچن، شهبازشريف سياسي معاملا عدالتن ۾ آڻڻ چاهي ٿو. وزيراعظم پنهنجي جواب ۾ چيو ته نواز شريف ۽ شهباز شريف ماضي ۾ هڪ آرمي چيف کي به بي ايم ڊبليو گاڏي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي هئي، شهباز شريف هڪ جج سان آڊيو ٽيپ به سامهون اچي چڪي آهي.