اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ اڳوڻي سفير جي ڌيءُ نور مقدم جي قتل ڪيس وڌيڪ انڪشاف ٿيا آهن، جوابدار ظاهر جعفر آمريڪا وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ به بڪ ڪرائي هئي، ذريعن موجب جوابدار 18 ۽ 19 جولاءِ جي رات ٽريول ايجنٽ کان فون ڪري پڇا ڪئي ته جيڪڏهن آمريڪا نه وڃان ته ڇا ٿيندو جنهن تي کيس چيو ويو ته ٽڪيٽ ضايع ٿي ويندي، جنهن تي جوابدار چيو ته جيڪڏهن 10 ڏينهن بعد وڃان ته پوءِ ڇا ٿيندو، ٽريول ايجنٽ چيو ته پوءِ اضافي پئسا ڏيڻا پوندا، ٽريول ايجنٽ ۽ جوابدار ۾ 5 ڀيرا رابطو ٿيو، جوابدار ايم ايس ايم ڪري ٽريول ايجنٽ کي چيو ته آئون آمريڪا ويندس، ظاهر جي فلائٽ 19 جولاءِ تي صبح جو نيويارڪ لاءِ رواني ٿيڻي هئي جنهن لاءِ هن ٽيڪسي به بڪ ڪرائي ڇڏي هئي، ٽيڪسي ڊرائيور مقرر وقت تي پهتو ته جوابدار گڏ هلڻ کان انڪار ڪندي کيس هزار رپيا موڪلي ڏنا، ٽيڪسي ڊرائيور کي ٻيهر گهرايو جيڪو رات جو 2 وڳي پهتو، جوابدار ظاهر نورمقدم سان گڏ ٻاهر آيو، نور مقدم پيرين اگهاڙي هئي، ٽيڪسي ۾ ٻئي چڙهي ايئرپورٽ لاءِ روانا ٿيا، رستي ۾ جوابدار واپس گهر هلڻ لاءِ چيو، اڍائي وڳي واپس گهر پهتا. هوڏانهن اسلام آباد جي جوڊيشل ميجسٽرٽ شعيب اختر، نور مقدم قتل ڪيس جي مک جوابدار ظاهر جعفر جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظورڪندي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، پراسيڪيوشن جي وڪيل عدالت جي پڇاڻي تي ٻڌايو ته واقعي واري هنڌ جي سي سي ٽي وي وڊيو حاصل ڪئي آهي، ان جو فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ ضروري آهي ان ڪري وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن جوابدار کي لاهور ۾ موجود فرانزڪ ليبارٽري وٺي وڃي ان وڊيو جي تصديق ڪرايون، جوابدار جي وڪيل چيو ته واقعي واري هنڌ تان هٿيار ۽ موبائيل فون مليا آهن، وڌيڪ جسماني رمانڊ جي ضرورت ناهي، سرڪاري وڪيل استدعا ڪئي ته وڌيڪ ٽن ڏينهن جو رمانڊ ڏنو وڃي ته جيئن جاچ مڪمل ٿي سگهي.