ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ چيني گاڏي تي حملو، 2 ڄڻا زخمي، انجنيئر کي 7 گوليون لڳيون، گل بائي پل هيٺان ڪيمپ کان واپس ايندڙ چينين جي گاڏي کي نشانو بڻايو ويو، پوليس ذريعن موجب موٽرسائيڪل سوار 2 هٿياربندن ڪار تي حملو ڪيو، ڪار ۾ چيني انجنيئر ۽ ڊرائيور هئا. پوليس موجب چيني انجينئر کي مجموعي طور تي 7 گوليون لڳيون، جڏهن ته ڊرائيور به زخمي ٿيو. پوليس موجب زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف ايس ايس پي ڪياماڙي موجب اهو پتو نه پئجي سگھيو ته هٿياربند پل هيٺان ئي بيٺل هئا يا وري انهن ٻئي ڪنهن هنڌ ڪار کي نشانو بڻايو؟ ڇاڪاڻ ته پل هيٺان گولين جا خول ناهن مليا، جاچ ڪئي پئي وڃي