اسلام آباد/لاهور (بيورو رپورٽ + م ڊ) اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ ٻوڏ جي صورتحال، ھيٺانھين وارا علائقا ٻڏي ويا، ڪيتريون ئي گاڏيون لڙھي ويون، ماءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا. ڪالهه اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ برساتن تباهي مچائي ڇڏي، اسلام آباد ۾ 330 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات بعد ٻوڏ جهڙي صورتحال: روڊ رستا ٻڏي ويا، ڪيتريون ئي گاڏيون لڙهي ويون، پاڻي گهرن اندر داخل، هڪ گهر ۾ پاڻي داخل ٿيڻ سبب ماءُ ۽ 7 ورهين جو پٽ ٻڏي فوت ٿي ويا، سرينگر هاءِ وي به پاڻي هيٺ اچي ويو، سيڪٽر اِي اليون سڀ کان وڌيڪ متاثر، سي ڊي اَي انتظاميا جو چوڻ آهي ته 95 سيڪڙو علائقن مان پاڻي نيڪال ڪيو ويو آهي، سيڪٽر اِي اليون اسان جَي ڪنٽرول ۾ نٿو اچي، تيز برسات سبب لَئِي نالَي ۾ پاڻي جِي سطح ۾ لاڳيتو اضافو، ٻوڏ جَي خطري سبب سائرن وڄايا ويا، فوجي جوانن سول انتظاميا سان گڏ امدادي ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون: انتظاميا جو چوڻ آهي ته راول ڊيم جِي سطح وڌيڪ هڪ فُٽ وڌي ته اِسپيل وَيز کوليا ويندا، وزيراعظم پاران شهرين کي چوماسَي جِي برساتن دوران احتياط ڪرڻ جِي تاڪيد، وزيراعظم چيو آهي ته، اين ڊي ايم اَي سميت سمورن ادارن کي هنگامي حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ جِي هدايت ڪري ڇڏي آهي.پاڪ فوج جي جوانن امدادي ڪمن ۾ حصو ورتو، سي ڊي اي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ فليش فلڊ جهڙي صورتحال کي حل ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، انتظاميا چيو ته ڪلائوڊ برسٽ جي ڪري مختلف علائقن ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي، موسميات کاتي پاران ڪلائوڊ برسٽ بابت خبرن جي ترديد ڪئي وئي ۽ چيو ته برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي هئي، ان مطابق ئي برسات ٿي. هوڏانهن هوڏانهن ديا مير ۾ برسات جي ڪري ٻوڏ جي وهڪرن تباهي مچائي ڇڏي، فيصل متاثر، ڪچا گهر ڊهي پيا، شاهراهه قراقرم، بابوسر تي لينڊ سلائيڊنگ ٿي، جڏهن ته سياح پڻ ڦاسي پيا، آزاد ڪشمير ۾ برسات بعد ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو، واٽر وليج پارڪ مڪمل تباهه ٿي ويو، شاهراهه نيلم بند ٿي وئي، پنجاب ۾ به برسات جي ڪري هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا، مري، سوات، مالاڪنڊ، گلگت ۾ به برسات پئي،