ڪراچي: اين اي 239 تي ووٽرن طرفان پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪرڻ جون شڪايتون به سامهون آيون آهن، ووٽرن شڪايت ڪئي ته شاهه فيصل ڪالوني ۾ ڪيتريون ئي پولنگ اسٽيشنون تبديل ڪيون ويون آهن، دي ويزن اسڪول ڪافي وقت اڳ بند ٿي چڪو آهي پر رڪارڊ ۾ اهو اسڪول پولنگ نمبر 59 ۾ اچي رهيو آهي، دريا آباد اسڪول زير تعمير آهي پر اهو اسڪول به رڪارڊ ۾ پولنگ اسٽيشن نمبر 56 اچي رهيو آهي، ٻئي پولنگ اسٽيشنون محمد اسڪول ۾ شفٽ ڪيون ويون، مفاد نسوان اسڪول مان پولنگ اسٽيشن نمبر 37 کي شفٽ ڪيو ويو