ملير: اين اي 237 ملير جي پولنگ اسٽيشن نمبر 108 تي جعلي ووٽ ڪاسٽ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جنهن جو صوبائي اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺندي  ڊسٽرڪٽ ريٽرنگ آفيسر ۽ رٽرنگ آفيسر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي، صوبائي اليڪشن ڪمشنر چيو آهي ته  اين اي 237 ملير تي وڌل جعلي ووٽ ڳڻپ ۾ شمار نه ڪيا ويندا. واضح رهي ته پرزائيڊنگ آفيسر مظهر ڀٽي جو چوڻ آهي ته منجهند جي ماني وقت ڪجهه ماڻهن ڪمري ۾ داخل ٿي  بيلٽ پيپرن تي ٺپا لڳايا، گوڙ جو آواز اچڻ تي پوليس کي ڪمري ۾ گھرايم ته اهي ماڻهو فرار ٿي ويا، بيلٽ پيپرن کي ڏسي خبر پئي ته 15 کان 20 ووٽ وڌا ويا، جوابدارن تير تي ٺپا هنيا