ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت به ڪائونسلر چونڊجي ويو

0
496

ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ

مانجهند (رپورٽر) ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت به ڪائونسلر چونڊجي ويو، مانجهند جي يو سي انڙپور ۾ ايس يو پي جي ٽڪيٽ تي بيٺل نوجوان دلاور کوسو پ پ اميدوار مير محمد کوسو کي هارائي ڇڏيو آهي

 دلاور کوسو غريب طبقي سان تعلق رکي ٿو، جيڪو ڪوئلي جي کاڻ ۾مزدوري ڪندو آهي، نوجوان محنت سان گڏ سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو، نوجوان ڪائونسلر جي سيٽ تي ميدان ماري مثال قائم ڪري ڇڏيو

کورواهه يوسي تي ايس يو پي جو مرڪزي نائب صدر وڪيل امير آزاد پنهور به پ پ اميدوار کي شڪست ڏئي ڇڏي، امير آزاد 1637 ووٽ کڻي ضلعي ڪائونسلر چونڊجي ويو

هي به پڙهندا

پيپلزپارٽي طرفان ڪراچي جي 246 يوسيز مان 100 يوسيون کٽڻ جي دعويٰ

اڄ شام تائين ڪراچي جي سمورين يوسيز جا نتيجا پڌرا ڪيا ويندا: اليڪشن ڪمشنر سنڌ