اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پارليامينٽ جي عزت ۽ توقير جون ڳالهيون ڪندڙن جي هٿان پارليامينٽ جي بي توقيري انتها تي پهچي وئي، موجوده حڪومت جي دور ۾ قومي اسيمبلي جي ٿيل 79 اجلاسن  ۾ حڪومت ۽  اپوزيشن شامل پارٽين جي پارلياماني ليڊرن  غير حاضري جا رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا، وزيراعظم شهباز شريف 87.4 سيڪڙو، اپوزيشن ليڊر راجا رياض 55.7 سيڪڙو اجلاسن مان غير حاضر رهيا، پي ڊي ايم اتحاد ۾ شامل پارٽين مان پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جي سربراهه اڳوڻي صدر آصف زرداري سڀ کان وڌيڪ غير حاضر رهيو، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻئي نمبر تي سڀ کان وڌيڪ غير حاضر رهيو تفصيل موجب 11 اپريل 2022ع تي شهباز شريف جي وزيراعظم چونڊجڻ کان پوءِ قومي اسيمبلي جي هن وقت تائين مجموعي طور تي 79 اجلاس ٿي چڪا آهن، جن ۾ 5 گڏيل پارليامينٽ جا اجلاس به شامل آهن، 79 قومي اسيمبلي جي اجلاس مان وزيراعظم شهباز شريف 87.4 سيڪڙو اجلاس مان غير حاضر ۽ صرف 16.02 سيڪڙو اجلاسن ۾ شريڪ ٿي سگهيو، وزيراعظم شهباز شريف ڪل 79 اجلاس مان صرف 10 اجلاسن ۾ شريڪ ٿي سگهيو ۽ 69 اجلاسن مان غير حاضر رهيو، موجوده حڪومت ۾ گڏيل پارليامينٽ جا ڪل 5 اجلاس ٿيا وزيراعظم شهباز شريف 4 اجلاسن مان غير حاضر ۽ صرف هڪ اجلاس ۾شريڪ ٿي سگهيو، اپوزيشن ليڊر راجا رياض قومي اسيمبلي جي ڪل 79 اجلاسن مان 44.3 سيڪڙو يعني 35 اجلاسن ۾شريڪ ۽ 55.7 سيڪڙو يعني 44 اجلاسن مان غير حاضر رهيو، پيپلزپارٽي پارليامينٽيرينز جو سربراهه ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري  قومي اسيمبلي جي اجلاس مان سڀ کان وڌيڪ غير حاضر رهيو، اڳوڻو صدر آصف زرداري ڪل 79 اجلاسن مان صرف 5.06 يعني 4 اجلاسن ۾ حاضر ۽ 94.94 سيڪڙو يعني 75 اجلاسن مان غير حاضر رهيو، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 79 اجلاس مان صرف 7.59 سيڪڙو يعني 6 اجلاس ۾حاضر ۽ 92.41 سيڪڙو يعني 73 اجلاسن مان غير حاضر رهيو، اي اين پي جو پارلياماني ليڊر امير حيدر هوتي 11.39 يعني 9 اجلاس ۾شريڪ ۽ 88.61 سيڪڙو يعني 70 اجلاس مان غير حاضر رهيو، بي اين پي مينگل جي سربراهه سردار اختر منگل 13.92 سيڪڙويعني 11 اجلاس ۾شريڪ ۽ 86.08 سيڪڙو يعني 68 اجلاس مان غير حاضر رهيو، ايم ڪيو ايم جو پارلياماني ليڊر خالد مقبول صديقي 26.58 سيڪڙو يعني 21 اجلاسن ۾ شريڪ ۽ 73.42 سيڪڙو يعني 58 اجلاس مان غير حاضر رهيو، ايم ايم اي جو پارلياماني ليڊر مولانا اسعد محمود 34.17 سيڪڙو يعني 27 اجلاس ۾ شريڪ ۽ 65.83 سيڪڙو يعني 52 اجلاسن مان غير حاضر رهيو، مسلم ليگ ق چوڌري شجاعت حسين گروپ جو پارلياماني ليڊر طارق بشير چيما 39.24 يعني 31 اجلاس ۾ شريڪ ۽ 60.76 سيڪڙو يعني 48 اجلاس مان غير حاضر رهيو، جمهوري وطن پارٽي جو سربراهه شاهه زين بگٽي 44.3 يعني 35 اجلاسن ۾شريڪ ۽ 55.7 سيڪڙو يعني 44 اجلاس مان غير حاضر رهيو،جي ڊي اي جو پارلياماني ليڊر غوث بخش مهر 53.16 سيڪڙو يعني 42 اجلاسن ۾ شريڪ ۽ 46.84 سيڪڙو يعني 37 اجلاسن مان غير حاضر رهيو. بلوچستان عوامي پارٽي جو پارلياماني ليڊر خالد مگسي 62.02 سيڪڙو يعني 49 اجلاسن ۾ شريڪ ۽ 37.98 يعني 30 اجلاسن مان غير حاضر رهيو، پي ٽي آءِ جي منحرف ميمبرن جي قومي اسيمبلي ۾پارلياماني ليڊر محمد افضل ڌانڌلا 63.29 سيڪڙو يعني 50 اجلاس ۾شريڪ ۽ 37.71 سيڪڙو يعني 29 اجلاس مان غير حاضر رهيو، موجوده حڪومت جي دور ۾ هن وقت تائين ٿيل اجلاس ۾سڀ کان وڌيڪ حاضري ن ليگ جي پارلياماني ليڊر خواجه آصف جي رهي آهي، خوجا آصف 72 سيڪڙو يعني 57 اجلاس ۾ شريڪ 7 27.9 يعني 22 اجلاسن مان غير حاضر رهيو.