ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو 13 ڏينهن به آپريشن، 3 مغوي بازياب نه ٿيا، خبر موجب ضلعي ڪنڌڪوٽ مان نلڪن جا مستري نصرالله ۽ محمد ميراڻي سميت 3 ڄڻا اڃا تائين ڌاڙيلن وٽ قيد آهن، جن کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جڏهن ته مغوين جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته مغوين جي بازيابي لاءِ ڪچي واري علائقي دراني مهر ۽ پتڻ وارن علائقن ۾ پناهه وٺندڙ ڏوهارين خلاف آپريشن ڪيو ويو، جنهن دوران ليسوڙا چيڪ پوسٽ جي ڀرسان پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ فائرنگ ٿي، جنهن ۾ 2 ڏوهاري زخمي ٿي پيا آهن، پوليس موجب ڪارروائي دوران ڪجهه ڏوهارين جي ٿاڪن کي پڻ باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي.