ڏهرڪي (رپورٽ: اعظم سهرياڻي) ڀرچو نڊي پير ميان عبدالحق عرف ميان مٺو ڏهر خاندان جي ڄام عبدالستار ڏهر جي ڌيءُ سان 85 سال جي عمر ۾ ٻي شادي ڪري ورتي آھي، رابطي ڪرڻ تي ميان مٺو تصديق ڪندي ٻڌايو ته ٻي شادي ڪئي آھي، ذريعن جو چوڻ آھي ته ميان مٺو جي شادي ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي هئي، جنهن کي ٻنهي خاندانن طرفان ظاهر نه پئي ڪيو ويو، نڪاح واري تقريب ۾ ميان شمن، ميان مٺو جي پٽ ميان فاروق ۽ ڏهر خاندان وارن شرڪت ڪئي، نڪاح تقريب دوران ميان مٺو جا خوشگوار موڊ واريون تصويرون به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آھن، ٽائيم نيوز تي شادي واري خبر کانپوءِ سوشل ميڊيا تي سڄو ڏينهن ميان مٺو جي شادي بابت چرچا هلندا رهيا.