پنوعاقل (ن پ ا) پنجاب جي علائقي وھاڙي سان تعلق رکندڙ نوجوان طارق علي عورتاڻي آواز تي ھرکجي پني عاقل جي ڪچي پھچڻ کانپوءِ ڌاڙيلن ھٿان اغوا ٿي ويو آھي جنھن جي وارثن اغوا ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي، مغوي نوجوان جي ڀاءُ موجب ڌاڙيلن فون ڪري 25 لک ڀنگ گهريو آھي نه ڏيڻ جي صورت ۾ مارڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ، پنجاب پوليس مغوي نوجوان جي موبائل لوڪيشن جي ذريعي ڪچي پھتي جيڪا رضا ڳوٺ واري علائقي ۾ لوڪيشن غائب ٿيڻ کانپوءِ واپس رواني ٿي وئي، مغوي نوجوان جي وارثن رضا ڳوٺ پوليس وٽ پھچي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي آهي، رضا ڳوٺ پوليس مغوي نوجوان جي وارثن اطلاع ڏنو آھي وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.