ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس 6 ڄڻن کي اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب 6 ڄڻن حاڪم علي، صادق، ربنواز، رضوان، محبوب ۽ معين احمد کي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو، پوليس موجب 6 ڄڻن جو تعلق گهوٽڪي، رحيم يار خان، منڊي بهاوالدين، بهاولپور، سيوهڻ شريف سان آهي، پوليس موجب ڄاڻايل ماڻهن کي آگاهه ڪيو ويو ته تيغاڻي ۽ جاگيراڻي گينگ جي ڏوهارين اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، جنهن بعد کين ڪچي وڃڻ کان روڪيو ويو.