ٽنڊوباگو (ن پ ا) ڏيئي ڀرسان 2 هفتا اڳ پراسرار طور اغوا ٿيل نوجوان واپس گهر پهچي ويو. خبر موجب ڳوٺ سڄڻ اوڍيجو جو رهواسي ابراھيم اوڍيجو گذريل 15 ڏينھن کان گم ٿي ويو هو، جيڪو رات دير سان گھر پھچي ويو. گم ٿيل نوجوان ابراهيم اوڍيجو ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته 15 ڏينھن اڳ مزدوري لاءِ وڃي رهيو هئس ته ڏيئي ڀرسان ٽنڊو جان محمد روڊ تي هڪ ڪار ۾ 4 نامعلوم ماڻھو ڪار ۾ وجھي بيھوش ڪري کڻي ويا. جڏهن هوش ۾ آيس ته هڪ نامعلوم جڳهه تي پنھنجو پاڻ کي قيد ڏٺم. هن ٻڌايو ته جوابدار کيس روزانو مارڪٽ ڪندا رهندا هئا. هڪ ڏينھن اڳ جوابدار حب چوڪي ڀرسان نامعلوم جڳھه تي ڇڏي روانا ٿي ويا، جنھن بعد رات دير سان گهر پھتو آھيان. ٻي پاسي وارثن جو چوڻ آھي ته اسان جي ڪنھن سان به ڪا ذاتي دشمني ناهي. شڪر ٿيو جو نوجوان گھر پھچي ويو آھي.