بڊاڻي (ن پ ا) ڪشمور ضلعي جي بڊاڻي ويجھو  ڳوٺ پير بخش مزاري مان هفتي کان گم ٿيل 2 نوجوانن صاحب مزاري ۽ ارصلاح مزاري جي اغوا جي تصديق ٿي آهي، ان حوالي سان وارثن نظير مزاري، فيض محمد مزاري، شيرل مزاري ۽ ٻين ٻڌايو ته  نوجوان صاحب علي مزاري ۽ ارصلاح مزاري  هفتو اڳ گهر کان ڪنڌڪوٽ طرف ويا، جيڪي هن وقت تائين واپس ناهن ٿيا، کين اغوا ڪيو ويو آهي،  هنن چيو ته گذريل ڏينهن ڌاڙيلن پاران فون ڪري نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڀنگ طلب ڪيو آهي.مغوي جي وارثن موجب ٿاڻي تي اطلاع ڪيو آهي پر پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو آهي، نوٽيس وٺي مغوي بازياب ڪرايا وڃن. هوڏانهن ايس ايچ او مياڻي ايٽ بڊاڻي ٻڌايو ته ٻئي نوجوان اسان جي حد مان اغوا ناهن ٿيا،  نوجوان گهران ٽوپيون وٺڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ ويا، جتان ٻئي ڄڻا اغوا ٿيا آهن،سندن آخري لوڪيشن ڪنڌڪوٽ آهي.