اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله چيو آهي ته سياسي قيادت جي ذميواري آهي ته اها پنهنجا جهيڙا عدالتن ۾ نه آڻي ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪري، جڏهن ته عدليا به اختيارن جي ورڇ جي اصول کي نظر ۾ رکڻ جي پابند آهي. پنهنجي اعزاز ۾ فل ڪورٽ ريفرنس سان خطاب ڪندي جسٽس اطهر من الله چيو ته ڪو ڪريڊٽ نٿو وٺڻ چاهيان، ڇو ته ساٿي ججن ۽ متحرڪ بار بنا ڪجهه ممڪن نه هو، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻين هاءِ ڪورٽن جيان ناهي، ان جو هڪ الڳ درجو آهي، هيءَ رڳو هڪ علائقي جي هاءِ ڪورٽ ناهي پر مرڪز جي نمائندگي ڪري ٿي. هن چيو اسان پنهنجي فيصلن ۾ هر هر ورجايو آهي ته قانون جي حڪمراني ناهي، فيصلن ۾ اهو به لکيو ته قانون رڳو اشرافيا لاءِ آهي، سياسي قيادت جي ذميواري آهي ته اها پنهنجا جهيڙا عدالتن ۾ نه آڻي ۽ پارليامينٽ کي مضبوط ڪري، جڏهن ته عدليا به اختيارن جي ورڇ جي اصول کي نظر ۾ رکڻ جي پابند آهي، اسان آئين جي تحفظ جو حلف کنيو آهي. چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان جي اڌ کان وڌيڪ زندگي ڊڪٽيٽرشپ ۾ گذري وئي، اهو اسان جو الميو آهي ته رياست پنهنجون ذميواريون نڀائڻ ۾ ناڪام رهي، اسان جو هڪ مخصوص ڪردار آهي ۽ اسان رڳو فيصلو ڏئي سگهون ٿا، آئين جي عملداري ان وقت ٿي سگهي ٿي، جڏهن مائينڊ سيٽ تبديل ٿئي، سياسي ليڊرشپ آئين جي عملداري کي مضبوط ڪري سگهي ٿي.