ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي تان ھٿياربند مديجي واسي ٽرڪ ڊرائيور نصير بروھي کي اغوا ڪري ويا. گوليمار واري علائقي مان 8 ڪلاس جو شاگرد عاشق سومرو ۽ اشفاق سومرو کي به هٿياربند اغوا ڪري ويا، نينگرن جي موٽرسائيڪل رستي ۾ هٿ ڪئي وئي.وارثن جو چوڻ هو ته ڌاڙيل اسان جي 2 نينگرن کي اغوا ڪري ويا آهن. ٻئي نينگر دڪان تان بوتل وٺڻ ويا ته واپس نه موٽيا، پيرو کنيوسين ته پيرو گڊو پل کان هيٺ ڪچي طرف ويو. هنن چيو ته اسان وٽ اڳ ئي فوتگي ٿيل آهي، تڏو وڇايل آهي، ويتر اسان جا نينگر اغوا ڪيا ويا آهن، گهر ۾ ماتم ۽ سوڳ وارو ماحول آهي.  گذريل ڏينهن عبدالغني ڏاھاڻي ۽ چوڪيدار ولي محمد کوسو به اغوا ٿي ويا آهن، 2 ڏينهن اندر مغوين جو انگ 5 ٿي ويو.هوڏانهن اغوا وارداتون وڌڻ بعد مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پاران 26 سيپٽمبر تي احتجاج ۽ ايس يو پي اڳواڻ دلمراد ڏاهاڻي جمعي ڏينهن انڙ پل باءِ پاس وٽ ڌرڻو لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي.ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ هو ته اغوا وارداتن ۾ مقامي ڏوهارين سان گڏ ڀيو گينگ ۽ جاگيراڻي گينگ ملوث آهي. جلد ڪچي ۾ آپريشن شروع ڪري مغوين کي باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرائي ڏوهارين جو خاتمو آڻبو.