سکر: سلطو شر ٽن ايس ايچ اوز جي قتل سميت 96 کان وڌيڪ سنگين ڪيس ۾ پوليس کي گهربل هو ۽ سندس مٿان پھريان ڪشمور پوليس 5 لک رپيا انعام رکڻ جي سفارش ڪئي، جنھن بعد گھوٽڪي سلطو شر مٿان 25 لک انعام جي سفارش ڪئي، اھڙي طرح سلطو شر مٿان سنڌ حڪومت طرفان زنده يا مرده گرفتاريءَ تي ھڪ ڪروڙ رپيا انعام رکيو ھو. تازو گھوٽڪي پوليس طرفان سلطو مٿان انعام واري رقم وڌائڻ جي پڻ سفارش ڪئي وئي ھئي.