ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ (سي پيڪ) ۾ ڊيوٽي ڏيندڙ 487 اهلڪار پنهنجي اصل ضلعن ۽ ريجنن ۾ بدلي، سندن جاءِ تي ٻيا اهلڪار ملڻ تائين رِليو نه ٿي سگھندا، آءِ جي سنڌ طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب 487 اهلڪارن کي پنهنجن اصل ضلعن ۽ ريجنن ۾ بدلي ڪيو ويو آهي پر اهي متبادل اهلڪار ملڻ تائين رلِيو نه ڪيا ويندا، هر ضلعو ۽ رينج واپس ملندڙ اهلڪارن جيترا ئي متبادل اهلڪار 6 مهينن لاءِ سي پيڪ ڊيوٽي لاءِ اماڻيندو، متبادل اهلڪار ملڻ بعد بدلي ڪيل اهلڪارن کي سي پيڪ مان رليِو ڪيو ويندو