ڪنڊيارو پوليس ٺارو شاهه واسي ڳوٺاڻي کي هاف فراءِ ڪرڻ بعد کنڀي وئي

0
265

ڪنڊيارو پوليس ٺارو شاهه ڀرسان ڳوٺ تي چڙهائي دوران ڳوٺاڻي کي مبينا طور زخمي ڪرڻ بعد کنڀي وئي آهي
ڳوٺ پنهل سولنگي ۾ پوليس جي چڙهائي دوران عورتن ۽ ٻارن احتجاج ڪيو ۽ الزام هنيو ته اهلڪار ڳوٺاڻي آصف سولنگي کي سرِعام گوليون هڻي زخمي ڪرڻ بعد کنڀي ويا
وارثن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج ڪيو ۽ ايس ايس پي نوشهروفيروز ۽ ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد کان نوٽيس جو مطالبو ڪيو آهي
ٻئي پاسي ڳوٺ چڙهائي بعد پوليس بيان جاري ڪندي چيو آهي ته آصف سولنگي مقابلي ۾ زخمي ٿيو هو، مقابلي دوران سندس ساٿي فرار ٿي ويا، پوليس زخمي ڳوٺاڻي تي مقابلي جو ڪيس به داخل ڪري ڇڏيو