حڪومت جو پي ٽي آءِ قيادت خلاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 202 تحت ڪارروائي جو فيصلو

0
235

اسلام آباد: وفاقي ڪابينا فارن فنڊنگ مامري تي پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قيادت خلاف پوليٽيڪل آرڊر 2002 تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو آهي
وزير اعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ جي فنڊنگ ڪيس جي فيصلي جي روشني ۾ آئنده جي حڪمت عملي تي مشاورت ڪئي وئي
وفاقي ڪابينا پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري نه ڏني
اجلاس بعد ميڊيا کي بريفنگ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب ٻڌايو ته پي ٽي آءِ قيادت خلاف پوليٽيڪل پارٽي آرڊر 2002 جي آرٽيڪل 2، 6، 15 ۽ 17 تحت ڪارروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جلد ڊڪليريشن تيار ڪري سپريم ڪورٽ ڏانهن به اماڻي ويندي
وفاقي وزير ٻڌايو ته فارن فنڊنگ ڪيس جي جاچ ايف آءِ اي حوالي ڪئي وئي آهي، هاڻي اِها جاچ ايف آءِ اي ڪندي، في الحال ڪابينا عمران خان سميت پي ٽي آءِ قيادت جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي منظوري ناهي ڏني
ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون واري وزير ۽ حڪومتي ٽيم ڪابينا کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي بريفنگ ڏني، ذريعن موجب بريفنگ دوران وزير اعظم سيڪريٽري قانون ۽ گهرو سيڪريٽري کانسواءِ سمورن بيورو ڪريٽس کي اجلاس کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو