ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو مان نوجوان ناري مبينا اغوا، مزاحمت تي امڙ زخمي، احتجاج، خبر موجب شهر جي شهباز ڪالوني مان نوجوان ناري سائره هنڱورو کي هٿياربند مبينا طور  اغوا ڪري ويا، جڏهن ته مزاحمت تي هٿياربندن ناري جي امڙ فهيمده کي زخمي ڪري ڇڏيو، ناري جي امڙ فهميده نياڻي رضوانه سان گڏ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته سندس نياڻي سائره کي هٿيارن جي زور تي  اغوا ڪيو ويو آهي، هن چيو ته رپورٽ داخل ڪرائڻ باوجود پوليس نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪو به تحرڪ نه پئي وٺي، هن ناري جي بازيابي جو مطالبو ڪيو،