ٽنڊوالهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار جي ايس ايس پي مختلف ٿاڻن جي آفيسرن کي بهترين ڪارڪردگي نه ڏيکارڻ  جي سبب بدلي ڪري ٻين آفيسرن کي مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ بي سيڪشن ٿاڻي  جي ايس ايچ او رحيم گوپانگ کي لائن حاضر ڪري سندس جائي تي رياض سومرو کي بي سيڪشن تي ايس ايچ او مقرر ڪيو  ويو. محبوب پهوڙ کي ايس ايچ او مشائخ هوتي، سهيل مرزاکي ايس ايچ او نصرپور مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته مدد خاصخيلي کي سي آئي اي سينٽر جو وڏو منشي ۔قلندر بخش پتافي کي بي سيڪشن جو وڏو منشي مقرر ڪيو ويو. انسپيڪٽر نور شاھ  انسپيڪٽر ياسين ٽڳڙ کي پوليس لائن موڪلي ڇڏيو.