ننگرپارڪر  (ن پ ا) ننگرپارڪر لڳ پرڻيل عورت بيماري کان تنگ اچي کوهه  ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ شڪيل جي ڍاڻي جاگهاري ۾ 20 سالن جي شريفان زال شريف رند بيماري کان تنگ اچي کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪري ڇڏيو، واقعي جو اطلاع ننگرپارڪر پوليس کي ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس پهچي عورت جو لاش کڻائي تعلقه اسپتال آندو، جتان ضروري ڪاروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، پوليس موجب ناري کي مرگهي جا دورا پوندا هئا، جنهن کان تنگ اچي کوهه ۾ ٽپو ڏئي آپگهات ڪيو.