ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عورتن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ سماجي اڳواڻن انيس هارون، اعظميٰ نوراني، مهناز رحمان،  ساره زمان، نغمه شيخ ۽ ساجدہ  ڪراچي ورسٽي  کي کنڀيل 2 شاگردن غمشاد بلوچ ۽ دودو بلوچ جي بازيابي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته شاگردن جي آزادي  لاءِ احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ لاپتا ٿيل شاگردن جي گهر ڀاتين تي پوليس پاران ڪيل تشدد افسوسناڪ آهي، ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته سنڌ اسيمبليءَ ٻاهران بلوچ شاگردن جي گمشدگي خلاف احتجاج ڪندڙن  تي پوليس تشدد جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس ڪيئن آمنه  بلوچ، سمي بلوچ ۽ نغمه شيخ ۽ ٻين عورتن  توڙي شاگردن کي گهلي پوليس موبائل ۾ وڌو، کنڀيل والد لاءِ احتجاج ڪندڙ بلوچ ڇوڪري  کي ٿاڻي تي چنبا هنيا ويا، هنن چيوته  شهيد بينظير ڀٽو هميشه عورتن جي حقن کي اوليت ڏني، پيپلزپارٽي جي اڄوڪي سياست بينظير واري  سياست جي ابتڙ آهي. هنن مطالبو ڪيو ته بلوچ عورتن تي تشدد ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪر ي عوام کي احتجاج ڪرڻ جي حق کان محروم رکڻ بند ڪيو وڃي.