ڪراچي: اسپتال ۾ موجود ڊاڪٽر بيربل جي ڌيءَ ڊاڪٽر سپنا ٻڌايو ته بابا نهايت نيڪ ۽ شريف ماڻهو هو، آئون هن وقت صدمي ۾ ورتل آهيان، مون بابا سان گڏ پڙهي ڊگري ورتي. هن چيو ته اسان کي ڪنهن تي به شڪ ناهي، منهنجا 2 ڀائر آهن، جيڪي پرڏيهه ۾ آهن. هن چيو ته قرعت العين 10 سالن کان بابا سان گڏ ڪم ڪندي هئي.