لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ بغاوت جي قلم  124 اي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. حڪومت خلاف تقريرون ڪندڙن تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪرڻ جي معاملي تي لاهور هاءِ ڪورٽ بغاوت جي قلم 124 اي تعزيرات پاڪستان کي ختم ڪري ڇڏيو. جسٽس شاهد ڪريم سليمان ابوذر نيازي ۽ ٻين جي درخواستن تي محفوظ فيصلو ٻڌايو. درخواست گذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته بغاوت جو قانون 1860ع ۾ جوڙيو ويو جيڪو انگريز دور جي نشاني آهي، بغاوت جو قانون غلامن لاءِ استعمال ٿيندو هو ڪنهن جي چوڻ تي به ڪيس داخل ڪيو ويندو هو. حڪومت خلاف تقرير تي بغاوت جو قلم 124 اي لڳائڻ اظهار جي آزادي جي خلاف آهي.