ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) آئي جي سنڌ طرفان صوبي ۾ منشيات ۽ گٽڪا مافيا خلاف ٽاسڪ فورس قائم، مقامي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ڪراچي ۾ گهرن ۾ هلندڙ فيڪٽرين تي ڇاپا، وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ، 17 جوابدار گرفتار، آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي هدايتن تي صوبي ۾ منشيات، گٽڪا، مين پڙي ٺاهيندڙ، ذخيرو ڪندڙ، وڪرو ڪندڙ ۽ اسمگل ڪندڙ مافيا خلاف ڪاررواين لاءِ صوبائي ٽاسڪ فورس قائم ڪئي وئي. وقتي اي آئي جي آپريشن ڊاڪٽر فرخ رضا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبائي ٽاسڪ فورس جي سربراهي لاءِ هڪ ڪاميٽي جوڙي وئي آهي، جيڪا ڪاميٽي انويسٽيگيشن، آپريشن ۽ اسپيشل برانچ جي ايڊيشنل آئي جيز تي مشتمل آهي. ٽاسڪ فورس رينج وائيز ٽيمون ٺاهيندي، جن ۾ سٺي ساک رکندڙ آفيسر شامل هوندا، ايڊيشنل آئي جي اسپيشل برانچ طرفان نامزد ڪيل ايس پي اسپيشل برانچ به ڪاميٽي ۾ شامل هوندو. نوٽيفڪيشن موجب صوبائي ٽاسڪ فورس ڏوهاري گروپن ۽ انهن جي ميمبرن خلاف ڪارروائي ڪندي، جيڪي گٽڪا ماوا، مين پڙي ۽ ٻي منشيات جي تياري، اسمگلنگ ۽ سپلائي ۾ منظم طريقي سان ملوث آهن، رينج وائيز ٽيمن جي آپريشنل ڪمانڊ ايڊيشنل آئي جي آپريشنز وٽ هوندي، ايڊيشنل آئي جي اسپيشل برانچ ٽيمن کي انٽيليجنس معلومات فراهم ڪندو، ٽاسڪ فورس پنهنجي معلومات يا اسپيشل برانچ جي انٽيليجينس رپورٽن تي عمل ڪري سگهي ٿي، ٽاسڪ فورس کي سڄي سنڌ ۾ ڪٿي به ۽ ڪهڙي حصي ۾ به ڪارروائي جو اختيار حاصل هوندي، ٽاسڪ فورس  منشيات ۽ گٽڪا جي ڪاروبار کي روڪڻ لاءِ سفارشون مرتب ڪندي ۽ پنهنجي اڳڀرائي بابت آئي جي سنڌ کي وقتن فوقتن آگاهه ڪندي رهندي، ڇاپن لاءِ ٽاسڪ فورس کي آر آر ايف ۽ ايس ايس يو سميت پوليس جي ڪنهن به يونٽ کان لاجسٽڪس ۽ نفري حاصل ڪرڻ جو اختيار هوندو، هر يونٽ بنان دير جي صوبائي ٽاسڪ فورس کي نفري ڏيڻ جو پابندي هوندو، رينج وائيز ٽيمن طرفان ڪامياب ڇاپن جي صورت ۾ ايف آئي آر داخل ٿيڻ کان چالان جمع ٿيڻ تائين ٽاسڪ فورس جاچ جي نگراني ڪندي، ايس ايچ او کان ايس ايس پي تائين ڪو به آفيسر منشيات ۽ گٽڪا توڙي مين پڙي جي تياري، ذخيري، وڪري، سپلائي ۾ ملوث نڪتو ته ان خلاف سخت قانوني ۽ ڊپارٽمينٽل ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪراچي ۾ ڊي آئي جي سي آئي اي ٽيم جوڙيندي، جيڪا اسپتالن جو دورو ڪندي، اتي زير علاج منشيات کان متاثر ماڻهن جا بيان وٺندي ۽ قانون موجب ڪارروائي ڪندي. ھوڏانھن ٽاسڪ فورس قائم ٿيڻ بعد مقامي پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، ٽاسڪ فورس جي خوف کان مقامي پوليس فيڪٽرين تي ڇاپا هڻڻ شروع ڪري ڇڏيا، نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا جي علائقي گوڌرا ۾ گهرن ۾ هلندڙ فيڪٽرين تي ڇاپا هنيا ويا. پوليس موجب ڇاپن دوران فيڪٽريون سيل ڪيون ويون ۽ 500 ڪلو سپاريون، گٽڪا ماوا جا 600 پاڪيٽ، تمباڪو، چونو، ڊرم، ڪمپيوٽرائزڊ ڪانٽا ۽ ٻيو سامان ضبط ڪيو ويو، ڪچي شراب جون 8 بوتلون ۽ پيٽرول جون 50 بوتلون به ضبط ڪيون ويون، 17 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو، گرفتار جوابدارن ۾ طاهر، اساما، اقبال، مظهر، قائم، شفيع، فهيم، نعمان، عمران، عقيل، اسلم، وقاص، اظهر ۽ سيف الله شامل آهن.