سنجهورو (رپورٽ انيس لغاري)  ڪراچي ۾ قاتلاڻي حملي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر بيربل گيناڻي سنجهوري شھر جي ميگهواڙ برادري جي هڪ غريب خاندان ۾ جنم ورتو ، سندس والد الهڏنو   سنجهوري شھر جي سيٺ موٽو مل جي ڪپڙي جي دڪان تي درزڪو ڪم ڪندو هو ، هن پنهنجي محنت مزدوري سان پنهنجي پٽ بيربل کي پڙھايو ۽  جنهن تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ زندگي ۾ تمام گهڻا ڪشالا ڪڍيا ، ڊاڪٽر بيربل پنهنجي پڙھائي دوران بهترين شاگرد رهيو ۽ هر امتحان سٺن نمبرن سان پاس ڪري اسڪالرشپ حاصل ڪئي ، ڊاڪٽر بيربل اقليتن لاء مختص ڪيل ميڊيڪل جي سيٽ حاصل ڪرڻ لاء پوري ضلعي سانگهڙ مان ٽاپ ڪيو ، ڊاڪٽر بيربل گيناڻي 1986 ۾ سنڌ ميڊيڪل ڪاليج مان ايم بي بي ايس ڪئي ۽ بعد ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان ايم ايس آپٿومولاجي جي ڊگري حاصل ڪئي ، ڊاڪٽر بيربل پنهنجي ميڊيڪل ڪيريئر دوران اسپنسر آئي هاسپيٽل ۾ مختلف عهدن تي رهڻ کانپوء ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ (ايم ايس ) ٿيو جنهن بعد هوء ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن  (ڪي ايم سي)  ۾ سينئر ڊاڪٽر کان ويندي 20 هين گريڊ جي ڊائريڪٽر ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سروسز جي عهدي تي 2020 ۾ ريٽائر ٿيو ، سرڪاري عهدي تان  ريٽائر ٿيڻ کانپوء روايتي طرح گهر ۾ ويهي آرام سان ريٽائرمينٽ جا ڏينهن گذارڻ بجاء پنهنجن قابليتن ۽ لياقتن ۾ اضافي ڪرڻ لاء علم جي جستجو ۽ حاصلات واري دڳ تي هلندي هن پنهنجي نياڻي سان گڏ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ ايم بي اي  ھيلٿ ڪيئر اينڊ هاسپيٽل  مينيجمينٽ ۾ نه صرف داخلا وٺي پر ٻن سالن تائين لاڳيتو تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء تعليم مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي نياڻي ڊاڪٽر سپنا ڪماري سان گڏ 18 ڊسمبر 2022 جي ڪانووڪيشن ۾ ڊگري حاصل ڪئي ، ڊاڪٽربيربل گيناني جا ٻه فرزند آھن جيڪي ٻاهرين ملڪ رهن ٿا ،  هڪ پٽ راجندر گيناڻي آمريڪا جڏهن ته ٻيو فرزند آڪاش گيناڻي جرمني ۾ رهي ٿو جڏنهن ته سندس نياڻي  ڊاڪٽر سپنا ڪماري جيڪا ساڻس ڪراچي ۾ گڏ رهندي هئي هن 2016 ۾ بي ڊي ايس جي ڊگري مڪمل ڪرڻ کانپوء پنهنجي والد سان گڏ جناح سنڌ ميڊيڪل يونيورسٽي مان ايم بي اي  جي ڊگري حاصل ڪئي .