ڪنري (ن پ ا) ڪنري تعلقي جي مختلف علائقن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا سينٽر ناهن کُلي سگھيا، جنهن ڪري مستحق سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، مستحق عورتن جو چوڻ آھي ته تازو 25000 واري قسط شروع ٿي آھي پر ٽوڀان شاخ تي اڳ ۾ ھلندڙ سينٽر ناهي کُلي سگھيو، جنھن سبب ڪافي پريشاني ٿي رهي آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي سينٽر کُولي وظيفو ڏنو وڃي.