مورو (ن پ ا) مورو ويجھو ڳوٺ غلام محمد آرائين مان گذريل رات دير سان نامعلوم ماڻهو بجلي جو ٽرانسفارمر لاهي ڪوائلون، تيل ۽ ٻيو ضروري سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا، جنهن کانپوءِ ڳوٺاڻن پيري ۽ کوجي ڪتي جي مدد سان پيرا کڻي مورو شهر ۾ ٽرانسفارمر ٺاهيندڙ مستري جي دوڪان تي پهتا، جتي دڪاندار چوري جو سامان ڀري ڏنو.