ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ينگ پيرا ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي سڏ تي صحت کاتي جي ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن عبدالجبار ڪنڀر، عبدالسلام ۽ ٻين چيو ته مختلف علائقن ۾ صحت کاتي جي ملازمن جون جبري بدليون ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، تازو صوبائي چيف آرگنائيزر سانول ڪيريو کي سڪرنڊ کان جبري بدلي ڪري ڪشمور موڪليو ويو آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته پيرا ميڊيڪل عملي جا جائز مطالبا پورا ڪري مسئلا حل ڪيا وڃن.