ڪنري (ن پ ا) ڪنري ڀرسان نوجوان پاران زھريلي دوا پي آپگھات جي ڪوشش، اسپتال منتقل ڪيو ويو. دڙيلو شاخ جي ڳوٺ اڪبر پنجابي ۾ 28 ورھين جي نوجوان لڇمڻ ولد ميوو ڀيل جيت مار دوا پي ورتي. نوجوان کي تعلقي اسپتال آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن جي ڪوششن بعد سندس حياتي بچائي وئي. نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته ھن گھرو تڪرار تان مائٽن کان ناراض ٿي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي.