لعلورائنڪ (ن پ ا) لعلورائنڪ ڀرسان ڳوٺ ميان رتو سولنگي ۾ 14 ڏينهن اڳ مغيري برادري جي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ بيگناھ قتل ٿيل فياض احمد پٽ غلام رسول ۽ عبدالوحيد پٽ فتح محمد سولنگي واقعي بعد مقتول ڌر وٽ جوابدار ڌر ميڙ وٺي آئي، جتي مقتولن جي وارثن ڪيس جي فريادي غلام شبير سولنگي، حبدار سولنگي ۽ الزام هيٺ آيل مغيري برادري جي عطاءَ الله، نور حسين، محمد صديق مغيري وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ٺاهه ڪيو ويو، جڏهن ته الزام هيٺ آيل مغيري برادري جي نور حسين ۽ محمد صديق واري ڌر تي 2 قتلن جا 30 لک رپيا ڏنڊ ۽ تڏو ميڙ رکيو ويو، ان حوالي سان علي حسن بروهي، نظير حسين راڌاڻي، گل حسن مغيري، بشير احمد بلوچ، علي جان مغيري، ڊاڪٽر الهڏتو مغيري، سعيد احمد راجپوت ۽ ٻين کي الزام هيٺ آيل ڌر ميڙ وٺي ڳوٺ ميان رتو سولنگي ۾ مقتولن جي وارثن جي تڏي تي پهچي تڏو بخشرايو ۽ ڏنڊ جي رقم ادا ڪئي. جنهن بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويو.