ڪنري (رپورٽ:انيل ڪمار مڪواڻا) ڪنري جي ٽائون ڪاميٽي مالي بحرانن جي ور چڙھيل، صفائي عملي پاران وڌيل پگھارون، پينشن نه ملڻ ۽ پڪو نه ڪرڻ خلاف ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻا، ڪورٽ ۾ درخواست داخل، ان ڏس ۾  ايشيا جي سڀ کان وڏي مرچ منڊي جي حيثيت رکندڙ ۽ شاھوڪار ٽائون ڪاميٽين ۾ شمار ٿيندڙ ٽائون ڪاميٽي ڪنري مالي بحرانن جو شڪار آھي، ٽائون ڪاميٽي جي 166 ملازمن ۽ 186 رٽائرڊ ملازمن کي تازو 2 مهينا اڳ بجيٽ ۾ وڌايل پگهار نه ملي سگهي آھي،  ملازمن ۽ پينشنرن کي وڌيل پگهارن بدران پراڻي پگهار ڏني پئي وڃي. جنهن سبب ملازم مهانگائي سبب سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن. صفائي عملي پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪم ڇڏ ھڙتال ڪري ٽائون ڪاميٽي آڏو ڌرڻو ھڻڻ بعد احتجاجي ريلي ڪڍي ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو ھنيو ويو، ان موقعي تي مظاھرين يوسف، شھزاد، راجو ھرچند، انو، سليم حامد، اعجاز ۽ ٻين دانھيندي ٻڌايو ته اسان ھر صورت ۾ ڊيوٽي ڪندا آھيون، ٽائون انتظاميا اسان سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪري ھر وقت مختلف طريقن سان رلائيندو آھي، حڪومت جي وڌايل 25 ھزار پگھار ڏيڻ بدران 15 ھزار ڏني پئي وڃي، جنھن سان مھانگائي جي دور ۾ گذارو نٿو ھلي. جڏھن ته رٽائرڊ ملازمن کي پينشن وقت سر نٿي ملي، گذريل ٽن مھينن کان پينشن نه ملڻ سبب خاندان فاقاڪشي جو شڪار آھن، پينشن نه ملڻ ڪري ٻار جي اسڪولن جي فيس ادا نه ڪري سگھيا آھيون، ٻارن کي اسڪولن مان نيڪالي ڏني وئي آھي، ھنن چيو ته 15 سالن کان ڪم ڪندڙ ملازمن کي پڪو ناهي ڪيو ويو ۽ اسان سوئپرن جي پوسٽن تي سفيد پوش ۽   ڀرتي ڪيل آھن جيڪي گھر ويٺي پگھارون کڻن پيا. ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، دانھن ڪرڻ تي اسان کي ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون، ھنن فوري طور مسئلا حل ڪرڻ جو مطالبو ڪندي چتاءُ ڏنو ته مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جاري رکنداسين.