ڪنري: ٽائون ڪاميٽي سخت مالي بحران جو شڪار ھجڻ سبب وڏي عرصي کان ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيا آھن، جڏھن ته شهر ۾ صفائي لاءِ رکيل ڊيلي ويجز وارن ڪافي ملازمن کي پگهار نه پئي ملي سگھي آھي. ڊيلي ويجز تي ڪم ڪندڙ 30 ملازمن جا خاندان فاقا  ڪشي جو شڪار آھن. ڊيلي ويجز ملازمن کي 25 هزار بدران 15 هزار پگهار ڏني وڃي ٿي، ڪيترائي ملازم رٽائرڊ ٿي چڪا آھن انهن کي رٽائرڊمنٽ جا به پورا پئسا  نه ملي سگهيا آھن. سنڌ سرڪار طرفان ٽائون ڪاميٽي جو ماهانا او زي ٽي شيئر هڪ ڪروڙ 31 لک روپيا  ملي رهيو آهي جنهن مان هر مهيني هڪ ڪروڙ 20 لک   پگهار ۽ پينشن جي مد ۾ خرچ ٿي رهيا آھن، ڊيلي ويجز وارن جي پگهار ان کان علاوه آھي.  ٻي طرف شهر جا روڊ رستا گهٽيون ناليون تباهه ٿي ويون آهن، سڄو شهر کنڊرات بڻيل آھي، شهر جي اسٽريٽ لائٽ جو نظام درهم برهم آھي.