قمبر( رپورٽر) قمبر جي جناح باغ ڀرسان واقع لائبريري ۾ سهولتن جي اڻھوند خلاف شاگردن ڪامران ۽ زاهد گوپانگ احتجاج ڪندي چيو ته ميونسپل ماتحت هلندڙ لائبريري ۾ صفائي سٿرائي جو ڪو به انتظام ٿيل ناھي، نه ئي وري پيئڻ جي پاڻي جي سهولت آھي، فرنيچر جي به کوٽ آھي، تڪليف جو منهن ڏسڻو پوي ٿو، سهولتون ڏئي پريشانين کان بچايو وڃي.