ڪنري (ن پ ا) ڪنري ويجهو گپنو مائينر شاخ کي 10 فوٽ گھارو، فصل پاڻي ھيٺ، آبادگارن پنھنجي مدد پاڻ تحت گھارو بند ڪيو، خبر موجب گپنو مائينر شاخ کي ڳوٺ حيات آرائين وٽ شاخ جي پُل ٽٽڻ سبب 10فوٽ گھارو پئجي ويو، جنھن سبب علائقي ۾ ڦٽي ۽ ٻيو فصل پاڻي ھيٺ اچي ويو، آبادگار پنھنجي مدد پاڻ تحت 4 ڪلاڪن جي جدوجهد بعد گھاري کي بند ڪري ورتو، ڳوٺاڻن موجب اطلاع باوجود آبپاشي عملدار گهاري واري هنڌ نه پهتا،