ٿاڻو بولا خان (ن پ ا) ٿاڻي بولاخان جي ڪوھستاني علائقي ۾ برسات سبب جابلو نئيون نئين ڀارڻ  نئين موڙائي نئين ڏيسوي جا تيز وھڪرا وھي اچڻ بعد دراوت ڊيم ڀرجي ويو، دراوت  ڊيم ۾ پاڻي جي سطح واڌ سبب ڀرپاسي وارن ڳوٺن ۾ ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، جڏهن ته  ڳوٺ لونگ کوسو، ڳوٺ يار محمد پالاري،  ڳوٺ داد محمد پالاري،  ڳوٺ رحيم بخش برفت،  ڳوٺ الله بخش برفت سميت ڳوٺن ۾ ڊيم ۽ نئين جون پاڻي داخل ٿي ويو آهي،  جڏھن ته سرڪاري  عملدار متاثر ڳوٺن جي واهر لاءِ نه پهتو آهي،  نئي ڀارڻ سميت مختلف نين جي تيز وھڪري سبب علائقو پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي ۽  زميني رابطو ڪٽيل ھجڻ ماڻھو سخت مشڪلاتن جو شڪار بڻجي ويا آهن.