ڪنري (ن پ ا) ڪنري واسي مزدور نوجوان بحريا ٽائون ڪراچي ۾ ڪم دوران 9 ماڙ عمارت تان ڪري فوت، گھر ۾ ڪھرام، خبر موجب ڪراچي جي بحريا ٽائون ۾ رازپي جي مزدوري ڪندڙ ڪنري واسي 18 ورھين جو راجيش ڪمار ميگھواڙ 9 ماڙ عمارت تان ڪري پيو، نوجوان کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو فوت ٿي ويو، فوتي جو مڙهه ايمبولينس ذريعي  ڪنري آندو ويو، مڙهه گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو.