ٺٽو ( رپورٽر )  شاھمراد شوگر مل ۽ ڊسٽلري پلانٽ انتظاميا پاران جبري طور 72 ملازمن برطرف ڪرڻ واري عمل خلاف ٺٽو پهچي پريس ڪلب آڏو اسٽاف ورڪر يونين شاھمراد شوگر مل جي اڳواڻن اشرف اوٺو، الھجڙيو جتوئي، محمد رفيق جلالاڻي، نور محمد قمبراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي پورهيت اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته شاھمراد شوگر مل جھوڪ شريف ۽ ڊسٽلري پلانٽ جي انتظاميا مقامي ملازمن سان ناروا سلوڪ ڪندي سندن حق غضب ڪري رھي آھي هنن چيو ته اسٽاف ورڪر يونين قائم ڪرڻ تي انتظاميہ 72 ملازمن کي جبري طور نوڪرين مان ڪڍي سندن مل جا گيٽ بند ڪري ڇڏيا آھن، جيڪا ملازمن سان سراسر ناانصافي آھي. ھنن چيو تہ جبري طور نوڪرين مان برطرف ڪرڻ واري عمل خلاف سنڌ ليبر ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو آھي، جتي پورھيتن جو ڪيس ھلي رھيو آھي، ۽ عدالتن مان انصاف جي اميد آھي. ھنن چيو تہ نوڪرين مان ڪڍيل ملازمن جي گھرن ۾ فاقا ڪشي جي صورتحال ڇانيل آھي هنن مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ملازمن جون نوڪريون ۽ اسٽاف ورڪر يونين بحال ڪري ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.