ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ويجهو رڪشا ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، خبر موجب قومي شاهراهه تي ڳوٺ ڄام نور الله وٽ رڪشا ۽ ٽريڪٽر ٽرالي ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ فضل سهتو واسي عبدالطيف سهتو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن تعلقه اسپتال ڪنڊيارو آندو ويو، جتان کيس نوابشاهه نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش گهر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو.